سنڌ سرڪار پاران سرڪاري ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون بند، جعلي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار سرڪاري ڊاڪٽرن جون خانگي ڪلينڪون بند ۽ جعلي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ڊاڪٽرن خانگي اسپتالون بند نه ڪيون ته ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر سرڪاري اسپتالن ۾ گهٽ ۽ خانگي اسپتالن تي وڌيڪ ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي جعلي ڊاڪٽرن پنهنجا سينٽر ۽ ڪلينڪس کوليون آهن. ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته جعلي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو علاج بهتر نموني ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سرڪاري ڊاڪٽرن خانگي اسپتالون بند نه ڪيون ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *