حڪومت جو ٻاهران شيون گهرائڻ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) واپار جي وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا واضح ڪيو آهي ته عام واهپي جي شين جي ٻاهران گهرائڻ تي ريگيولرٽي ڊيوٽي ختم نه ڪئي ويندي پر وڌيڪ غير ضروري شيون گهرائڻ تي ريگيولرٽي ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي يونس ڍاڳا چيو ته ٽن سالن کان ڪرندڙ برآمدات جي ڀيٽ ۾ گذريل سال ايڪسپورٽ ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جنهن ۾ چانور ۽ ٽيڪسٽائل شين جي برآمد ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جيڪي شيون ملڪ ۾ تيار ٿين ٿيون انهن جي درآمدات قومي مفاد ۾ ناهي. يونس ڍاڳا چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ واڌ جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو اها مجبوري آهي ڪراچي ايڪسپو سينٽر سان گڏ آءِ ٽي پارڪ قائم ٿيڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته هو ڪراچي چيمبر ۾ واپارين سان واپاري سياست نه پر واپار بابت تجويزون ٻڌڻ آيو آهي. اسان لاءِ سمورا واپاري احترام جوڳا آهن پوءِ ڇو نه اهي ڪنهن به چيمبر ۽ ايسوسيئيشن جي اپوزيشن ئي ڇو نه هجن تنهن ڪري تاجر نمائندا صرف بزنس جي حوالي سان ڳالهائين سياست جي حوالي سان ڪنهن ٻئي فورم تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسٽيٽ بئنڪ کي 25 ارب رپين جي جاري ڪيل فنڊن کانپوءِ ٻاهر موڪليندڙ شين کي ري فنڊز جي مد ۾ ادائگيون شروع ٿي وينديون ڪراچي ۾ سمنڊ کي گدلاڻ کان محفوظ ڪرڻ لاءِ پنج ايفولينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *