ٽرمپ لاءِ پاڪستان سان لاڳاپا ختم ڪرڻ مهانگو ثابت ٿي سگهي ٿو: آمريڪي اخبار

نيويارڪ (اين اين آءِ) آمريڪا اخبار نيويارڪ ٽائمز صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي باخبر ڪيو آهي ته واشنگٽن کي ڏنل پهچ پاڪستان ڪنهن به وقت بند ڪري سگهي ٿو نيو يارڪ ٽائمز پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ خبردار ڪيو ته صدر ٽرمپ ان ڳالهه جو متهمل نه ٿو ٿي سگهي ته پاڪستان کي ڇڏي ڏئي، جڏهن ته ٽرمپ جي پاڪستان خلاف فيصلي مان نه ٿو لڳي ته ان وٽ اثرن کي منهن ڏيڻ جي پاليسي موجود آهي. ٽرمپ جو پراڻن پارٽنرز کي آمريڪا کان پري ڪرڻ جو فيصلو چين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو جڏهن ته ٽرمپ انتظاميه کي ٻيا سفارتي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. آمريڪي اخبار ٽرمپ کي خبردار ڪيو ته سعودي عرب ۽ امارات سان لاڳاپا استعمال ۾ آڻڻ گهرجن ۽ آمريڪا کي پاڪستان سان تعاون لاءِ گوڙ ڪرڻ بدران خاموش ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. اخبار آمريڪي صدر کي مشورو ڏنو آهي ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ذريعي طالبان جي خليج فارس ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *