ڪرن جوهر جي پروڊڪشن واري فلم ۾ ڪاسٽ جي بدلاءِ سان ڪنهن به قسم جو فرق نه ٿو پوي: عاليه ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ چيو آهي ته ڪرن جوهر جي پروڊڪشن واري فلم ۾ ڪاسٽ جي بدلاءِ سان کيس تي ڪنهن به قسم جو فرق نه ٿو پوي، بالي ووڊ ذريعن  موجب ڪرن جوهر جي فلم ”شڌي“ پنهنجي ڪاسٽ جي حساب سان ميڊيائي خبرن جي زينت بڻيو هيو، فلم ۾ پهرين ڪرينا ۽ ريتڪ، ان کان پوءِ سلمان، پريانڪا ۽ ڪنگنا آخر ۾ وڃي عاليا ۽ ورن ڌون تي فائنل ڪيو ويو. عاليا ڀٽ چيو ته هر فلم کان اڳ هن مٿان هڪ خاص دٻاءَ هوندو آهي، جيڪو هاڪاري قسم جو دٻاءَ هوندو آهي، هن چيو ته هو هر شيءَ کي آخري ناهي سمجهندي. هن چيو ته هو شڌي لاءِ تمام گهڻي جذباتي ۽ خوشي محسوس ڪري رهي آهي ۽ سندس ڪوشش هوندي ته فلم کي هڪ شاندار ميلي ۾ تبديل ڪري ڇڏي. عاليا جذباتي انداز ۾ چيو ته ڪرن جوهر کي پنهنجو والد سمجهي ٿي، ان ڪري ان سان هڪ خاص رشتو آهي، جنهن جي ڪري کيس هڪ الڳ ۽ اعليٰ مقام تي رکي سوچيندي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *