سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهي: سائره افضل تارڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي صحت بابت مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهي، جيڪڏهن جوڳا قدم کنيا وڃن ها ته هن وقت تائين صوبي مان پوليو جو خاتمو اچي چڪو هجي ها. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سجاد هوتيانه جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ پوليو کان بچاءَ بابت اجلاس ٿيو،جنهن ۾ صحت بابت مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري جي غيرحاضري تي مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم رڳو 6 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي،جڏهن ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن طرفان وفاق کي غلط ڊيٽا ڏني وئي. هن چيو ته صحت کاتو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ته پوليو تي سولائي سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. سائره افضل تارڙ چيو ته سڄي دنيا ۾ پوليو جو خاتمو ايندو پيو وڃي،پر پاڪستان ۾ ڪيس وڌي رهيا آهن. سائره افضل تارڙ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پوليو جا 80 سيڪڙو ڪيس پختون علائقن ۾ ظاهر ٿين ٿا،پوليو جي خاتمي لاءِ سچ ڳالهائڻو پوندو. ان کان اڳ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 ڊسمبر کان سنڌ جي حساس علائقن ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي ويندي،جڏهن ته پوليو مهم کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ وفاقي آفيسرن کي به مقرر ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پوليو جي حوالي سان ڪراچي جي 8 علائقن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو جتي پوليو ورڪرز جي سڪيورٽي لاءِ رينجرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *