اقتصادي رابطا ڪاميٽي 5 لک ميٽرڪ ٽن واڌو کنڊ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اقتصادي رابطا ڪاميٽي 5 لک ميٽرڪ ٽن واڌو کنڊ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اقتصادي رابطا ڪاميٽي شوگر ملز مالڪ کي هارين کي رهتن جي ادائيگي جو پابند بڻائي ڇڏيو، اي سي سي هدايت ڪئي ته کنڊ گهرائڻ سان پهرين ملز مالڪ هارين کي رهتون ادا ڪن. تفصيل موجب ناڻي جوفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن واڌو چيني ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏني وئي پر اقتصادي رابطا ڪميٽي شوگر ملز مالڪن کي پهرين هارين کي رهتون ادا ڪرڻ جو پابند بڻائي ڇڏيو. اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي هدايت ڪئي ته چيني ٻاهر موڪلڻ کان پهرين ملز مالڪ هارين کي رهتون ادا ڪن، اي سي سي ڪمند جي ڪرشنگ سيزن 5 1 نومبر کان شروع ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪمند جي 0 0 3 1 رپيا في مڻ امدادي قيمت جي به منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي ڪمند جي 0 0 3 1 رپيا في مڻ امدادي قيمت جي به توثيق ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *