سنڌ پوليس ۾ 10 هزار نوجوانن ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ۾ امن امان جي حوالي سان پوليس آفيسرن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ مختلف معاملا بحث هيٺ آيا اجلاس ۾ سمورن ڊي آءِ جيز سان گڏوگڏ ڊي آءِ جي ايسٽ منير احمد شيخ ڊي آءِ جي ويسٽ طاهر نويد ڊي آءِ جي سائوٿ عبدالخالق شيخ ڊي آءِ جي ايدمن غلام سرور جمالي ڪراچي جا سمورا ست ضلعي ايس ايس پيز سميت ٻينشرڪت ڪئي اجلاس ۾ پوليس جي پيشاوراڻي صلاحيتن ۽ ڳجهي معلومات جي ڏي وٺ جي طريقين ۽ طرقا خيال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت جي حڪم تي 10 هزار نوجوانن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويندو جنهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اڳوڻن آرمي جي فوجين کي ڀرتي ڪيو ويندو آءِ جي سنڌ کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي پوليس کي 37 هزار پوليس اهلڪارن بدران صرف 26181 پوليس اهلڪار آهن باقي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جلد ڀرتيون ڪيون وينديون اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ پوليس وٽ وسيلن جي کوت آهي جنهن جي باوجود ڏوهاري ماڻهن جي خلاف بهترين ڪارڪردگي ڪري رهي آهي سنڌ پوليس کي پوليس گاڏين سي سي ٽي وي ڪئمرا ۽ ٽيڪنيڪي اوزارن جي به ضرورت آهي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن وسيلن جي فراهمي لاءِ اعليٰ عملدارن کي درخواست اماڻي ويندي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليسنگ جو نظام بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ کيس معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ پگهارن ۾ 65 سيڪڙو واڌ جي به تجويز ڏني ويئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *