بينظير ڀٽو قتل ڪيس: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌڻي روزاني بنياد تي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (اين اين آءِ)دهشتگردي خاتمي واري عدالت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي روز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. راولپنڊي جي عدالت پراسيڪيوٽر کي سڀاڻي کان آخري بحث شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جج پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ۾ وڌيڪ دير ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي. ياد رهي ته بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي تاريخي  هنڌ لياقت باغ  ۾ قتل ڪيو ويو ان سان گڏ پ پ پ جا 23 ڪارڪنن جي فوت ٿي ويا ۽ 117زخمي ٿيا. بينظير ڀٽو جي قتل جو ڪيس دهشتگردي خاتمي واري عدالت ۾ داخل ڪيو ويو. اٺن سالن ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ست جج تبديل ٿيا ۽ ٽي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي ويا پر ڪوئي به ان ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل نه ڪري سگھيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *