سنڌ حڪومت پاران بلدياتي چونڊون فيبروري 2016ع ۾ ڪرائڻ تي راضپو ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊون لاءِ ڏنل چوٿين تاريخ ۾ هڪ مهيني جي گهٽتائي ڪري ڇڏي صوبائي حڪومت مارچ بجاءِ فيبروري 2016 ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي نئين تاريخ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو چيف سيڪريٽري سنڌ سجاد سليم هوتيانه سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته سنڌ بلدياتي چونڊون فيبروري 2016 ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي حڪومت نئين تاريخ جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي بلدياتي قانونن ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان نشاندهي کانپوءِ خاميون ختم ڪري ڇڏيون آهن، سنڌ حڪومت طرفان پهريان 27 نمومبر 2013ع پوءِ 7 ڊسمبر 2013 جي تاريخ ڏني وئي جنهن کانپوءِ صوبائي حڪومت 18 جنوري 2014ع تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو چيو سنڌ طرفان چوٿون ڀيرو مارچ 2016 ۾ چونڊون ڪرائن جي تاريخ ڏني وئي جنهن ۾ هڪ مهيني جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *