سپريم ڪورٽ انساني عضون جي وڪري بابت ڪيس ۾ وفاق ۽ صوبن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، انساني عضون جي وڪري بابت ڪيس ۾ وفاق ۽ صوبن  کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ انساني عضون جي وڪري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته ملڪ جي ڪيترين ئي اسپتالن ۾ انساني گردا وڪرو ڪيا پيا وڃن، پر اها خبر ناهي ته اهي ڪيتري قيمت ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. هـُن چي ته ٻڌايو وڃي ته انساني عضون جو وڪرو روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جسٽس ثاقب نثار چيو ته عضون جي وڪري کان وڌيڪ انساني حقن جي ڪهڙي لتاڙ ٿي سگهي ٿي؟ عدالت، وفاق ۽ صوبن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *