افغانستان ۽ امريڪا جي ڪري خيبرپختونخواهه جون حالتون خراب آهن: عمران خان

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ڪـَي پـِي ڪـَي پوليس کي مڪمل طور غير سياسي بڻائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۽ آمريڪا جي ڪري خيبرپختونخواهه جون حالتون خراب آهن، خطي مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ بعد صورتحال بهتر ٿي ويندي. دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس مثالي آهي، صوبي اندر ڪرپشن تي ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته  خيبر پختونخواهه سان مختلف سرحدون ملي رهيون آهن، ان ڪري اتان جون حالتون خراب آهن پر ڪجهه سالن کان صورتحال ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ پوليس کي غير سياسي بڻائي فري هينڊ ڏنو ويو آهي. عمران خان چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار خيبرپختونخواهه ۾ اچي سيڙپڪاري ڪن، کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته افغانستان ۽ آمريڪا جي ڪري خيبرپختونخواهه جون حالتون به خراب آهن، خطي مان آمريڪا جي نڪرڻ بعد حالتون بهتر ٿي وينديون. نبيل گبول جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته جنهن تي به ڪرپشن جو داغ نه هوندو، ان کي پارٽي ۾ ڀليڪار ڪيو ويندو پر ڪرپٽ ماڻهن جي تحريڪ انصاف ۾ جاءِ ناهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته رانديگرن کي ڪاميابي لاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *