ناڪاري سياست سبب ملڪ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو: سعد رفيق

بهاولپور (م.ڊ) ريلوي واري معاملن جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ناڪاري سياست سبب ملڪ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو، ايران عالمي پابندين باوجدو جيئڻ سکيو، چين غربت کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ اسان ڇو نه، بهاولپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سعد رفيق جو چوڻ هو ته سياسي قيادت جمهوريت لاءِ جلاوطن به ٿي، جمهوريت لاءِ سياسي قيادت ڦاهين کي ڀاڪر پاتو، مارشلا سبب ملڪ پوئتي پئجي ويو، سندس چوڻ هو ته سازشون ٿينديون رهنديون آهن، اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي به وسيلن جي گهٽتائي نه آهي، پاڪستان کانپوءِ آزاد ٿيڻ وارا ملڪ ترقي ڪري ويا پر اسان نه، اسان کي غربت ۽ بُک کي شڪست ڏيڻي آهي، ڪوڙ جي سياست سبب ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ڪڏهن ڌانڌلي جو ڊرامو ڪيو ويو ته ڪڏهن پاناما ليڪس جو، سعد رفيق چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف جيڪو ڪم آمر نه ڪري سگهيو اهو بلاول جي پيءُ ڪري ڏيکاريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *