سنڌ حڪومت جو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو، ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) منصوبي لاءِ بين الاقوامي ٽينڊرن جي جاري ڪرڻ جي حوالي سان سمورين ڪاوشن کي ڪارآمد آندو وڃي ته جيئن قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏينهن 25 ڊسمبر کان ان منصوبي جي شروعات ٿي سگهي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪي سي آر بابت رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ ٽرانسورٽ وارو صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سعيد اعواڻ، سيڪريٽري توانائي آغا واصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چائنيز فرم جا اعليٰ عملدارن پڻ شريڪ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي سي آر هڪ وڏي اهميت وارو منصوبو آهي ۽ اسانجي انٿڪ ڪوششن کانپوءِ انکي سي پيڪ منصوبن ۾ شامل ڪيو ويوآهي. هاڻي مان چاهيان ٿو ته ان منصوبي جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب ڊسمبر 2017ع ۾ منعقد ٿئي ته جيئن ان منصوبي تي عملدرآمد ڪري سگهجي. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ان منصوبي جي 2017ع ۾ سي ڊي ڊبليو پي منظوري ڏني هئي. هاڻي اهو منصوبو منظوريءَ لاءِ ايڪنيڪ وڃي رهيو آهي. ان تي وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هُو ان منصوبي کي ايڪنيڪ ۾ رکڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي واري ڪم کي تيز ڪري. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته ان منصوبي لاءِ بين الاقوامي ٽينڊر آڪٽوبر 2017ع ۾ گهرايا وڃن. سيد ناصر شاهه چيو ته ڪي سي آر جي رائيٽ آف وي (آر او ڊبليو) ۾ ڪجهه حددخليون هيون، ڪجهه فيڪٽريون جيڪي وزيرمينشن کان منگهوپير واقع آهن جيڪي پنهنجو (آر او ڊبليو تي) ڪچرو وغيره اڇلائينديون آهن ۽ ڪجهه چوپائي مال جا واڙا ۽ آر او ڊبليو سان گڏ جهنگ به آهن، انڪري سروي جي جاري ڪم ۾ سنگين مسئلن کي پڻ منهن ڏنو ويو. وڏي وزير صورتحال کي ڏسندي ڪمشنر ڪراچي جي تحت هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي جنهن ۾ سمورا ڊپٽي ڪمشنر، ڪي ايم سي جا ميٽروپوليٽن ڪمشنر، ڊي جي (ڪي ڊي اي)، ڊي جي (ايس ايم ٽي سي)، ايم ڊي (ڪي يو ٽي سي)، سمورا ڊي ايم سي جا ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي ڪراچي ان جا ميمبر هوندا. ٽاسڪ فورس جي قائدن ۽ ضابطن ۾ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ ۽ 2013ع کانپوءِ قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ ترت اپاءَ وٺڻ آهن، ان منصوبي جا متاثر جيڪي رجسٽرڊ آهن انهن کي معاوضي جو پيڪيج ڏيڻ لاءِ تجويز به ڏيندا. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سعيد اعواڻ چيو ته جائيڪا سروي مطابق پروجيڪٽ جي گهرن جو انگ 4653 آهي. هن چيو ته ڪي سي آر منصوبي لاءِ ريلوي جي 360 ايڪڙ زمين گهربل آهي. پاڪستان ريلوي جي ڪي سي آر لوپ (آر او ڊبليو) تي 260 ايڪڙ رمين آهي ۽ ريلوي جي اپ مين لائين تي زمين 100 ايڪڙ آهي. هن چيو ته 67 ايڪڙ ايراضي تي حددخليون قائم آهن جنهن ۾ آر او ڊبليو لوپ تي 47 ايڪڙ ۽ اپ مين لائين تي 20 ايڪڙ شامل آهن. هن چيو ته ڪي سي آر آر او ڊبليو سان گڏ 2997 اسٽريڪچر آهن ۽ 4653 حددخلين ذريعي گهر تعمير ڪيل آهن. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر جي ابتدائي لاڳت جو ڪاٿو 2 بلين ڊالر آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت منصوبي جي موبيلائيزيشن لاڳت جاري ڪندي ته جيئن ان تي ڊسمبر 2017ع کان ڪم شروع ٿي سگهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو 25 ڊسمبر 2017ع ڏهاڙي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي ڪي سي آر جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب جي ادائگي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ان منصوبي جي گرائونڊ بريڪنگ تقريب وزيرمينشن جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي رهائشگاهه آهي تي بندوبست ڪيو وڃي ته اهو ساراهه جوڳو عمل هوندو.  ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي ڊڪليئر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ تعليم واري صوبائي وزير کي اها ذميواري ڏني وئي آهي ته هُو ان حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد پنهنجون تعليم خدمتن جا 100 سال ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا آهن، انڪري ان کي ميرٽ، تاريخي اهميت جي بنيادن ۽ شاندار تعليم ريڪارڊ کي ڏسندي ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو حق آهي. اجلاس ۾ تعليم وارو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري مظهرالحق صديقي، قاضي اسد عابد، اڳوڻو ايم پي اي عبدالرحمان راجپوت، پروفيسر ادريس خان، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز پرويز سيهڙ ۽ ڪاليج جو پرنسپل فيصل نصيرالدين شيخ شرڪت ڪئي. حيدرآباد مان آيل شرڪت ڪندڙن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اڳوڻ شاگردن جي ايسوسيئيشن جي زيراهتمام 9 آڪٽوبر کان 14 آڪٽوبر 2017ع سئو سالا تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وڏي وزير دعوت قبول ڪندي چيو ته اها مون لاءِ قابل فخر ڳالهه آهي ۽ مان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان اوهان جي پروگرام ۾ پنهنجي تقرير ۾ ڪاليج کي يونيورسٽي جي سطح تائين اپ گريڊيشن ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪجهه منٽن تائين ان حيرن ڪندڙ اعلان تي خوشي مان تاڙيون وڄايون. وڏي وزير تعلمي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو گورنمينٽ ڪاليج کي يونيورسٽي ڊڪليئر ڪرڻ جي حوالي سان سفارشون ۽ پلان ترتيب ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *