بارسلونا واقعي جي مذمت، دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بارسلونا ۾ دهشتگردي ۽ ان جي نتيجي ۾ معصوم انساني جانين جي نقصان جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. 29 سالن جي پاڪستاني اڳواڻ ۽ پي پي پي چيئرمين، جيڪو هڪ دهشتگرد حملي ۾ پنهنجي امڙ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شفقت کان محروم ٿي ويو، چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملو ان اذيتناڪ درد کي جاڳائيندو آهي، جيڪو هن 19 سالن جي ڄمار ۾ برداشت ڪيو هو. هُن بارسلونا ۾ ٿيل دهشتگرد حملي دوران پنهنجا مائٽ ۽ عزيز وڃائيندڙ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام، اسپين جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها سخت قدم کڻي دهشتگردي جي جِن کي قابو ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان سهڪار ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *