نواز شريف پ پ جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي مقبوليت داءُ تي لڳائي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته آصف علي زرداري جي مسلم ليگ ن سان شڪايت درست ناهي ڇو ته نواز شريف پيپلز پارٽي جي حڪومت بچائڻ جي لاءِ پنهنجي مقبوليت کي داو تي لڳايو. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي خواجا سعد رفيق چيو آهي ته آصف زرداري جي مسلم ليگ ن سان شڪايت درست ناهي، زرداري صاحب پاڻ ڪيترائي ڀيرا ميثاق جمهوريت تان ڦري ويو جڏهن ته نواز شريف پيپلز پارٽي کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي مقبوليت کي داو تي لڳايو. سعد رفيق چيو آهي ته جيڪڏهن  اعتزاز احسن آصف زرداري جي آواز آهي ته پيپلز پارٽي کي خدا حافظ چوڻ بهتر آهي، مسلم ليگ ن کي سياست هلائڻ جي لاءِ سهاري جي ضرورت ناهي،  مسلم ليگ ن الله جي تائيد ۽ عوامي طاقت تي ٻڌل آهي، ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ئي عوام جي پهرين ترجيح هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *