گهريلو صارفين لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو اضافي جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت گهريلو صارفين لاءِ پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف حڪومت هلندڙ مالي سال دوران گئس جي قيمتن ۾ 143 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. پئٽروليم ڊويزن گهريلو گئس صارفين لاءِ پهرين سليب ۾ گئس جي قيمتن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ۽ ٻئي سليب لاءِ 50 سيڪڙو، ٽئين سليب لاءِ 75 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.  چوٿين سليب لاءِ 100 سيڪڙو ۽ پنجيب سليب لاءِ 150 سيڪڙو ۽ ڇهين سليب لاءِ 100 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. تجويز ڪيل اضافي موجب پهرين سليب جي صارفين جو هر مهيني بل 285 رپيه مان وڌي 422 رپيه ٿي ويندو، ٻئي سليب جي گئس صارفين جو هر مهيني بل 572 مان وڌيڪ هڪ هزار 219 ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *