سنڌ جي 8 ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين پوليس اسٽيشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عملي جو انگ وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي 8 ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين پوليس اسٽيشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عملي جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه 8 ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين پوليس اسٽيشن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عملي جو انگ 169 مان وڌائي 16 سئو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن پوليس اسٽيشنز تي مقرر اهلڪارن جي هر مهيني جي پگهار بونس طور ڏني ويندي، آءِ جي سنڌ هي فيصلو سنڌ اندر ٻارڙن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 3، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ هڪ وومين ٿاڻن کي وومين اينڊ چلڊرين ٿاڻي ۾ تبديل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *