سنڌ حڪومت پي سي بي کي پي ايس ايل جي فائنل بعد ڪراچيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا ميچ ڪرائڻ جو گرين سنگنل ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نجم سيٽيءَ کي (پاڪستان سپر ليگ) پي ايس ايل جو فائنل جيڪو 25 مارچ تي هتي کيڏيو ويندو جي ترت بعد ڪراچيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا ميچ ڪرائڻ بابت گرين سنگنل ڏئي ڇڏيو. چيئرمين پي سي بي نجم سيٽيءَ اڄ سنڌ جي وڏي وزير سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سندن ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي رٿڻ بابت ڀرپور سهڪار ڪرڻ تي کين ٿورا مڃيندي چيو ته مان اوهان جو دل سان ٿورائيتو آهيان ته اوهان پي سي بي سان ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي انعقاد جي حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪيو. هن وڏي وزير کي چيو ته اوهان جي ٽيم، پوليس ۽ رينجرز ۽ سول انتظاميا سدائين اسان جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار رهيا ۽ انهن اسان سان هر هڪ پلان کي شيئر ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ پي سي بي جي گهرجن ۽ ايس او پي کي به نظر ۾ رکيو. هن چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير سندس گرين سگنل ڏئي ته هُو ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل جي ترت بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ منعقد ڪرائيندو. ان تي وڏي وزير چيو ته سندس ڪراچيءَ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسيءَ تي خوشي ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي پرامن ماڻهن جو شهر آهي ۽ انهن جي سهڪار سان هتي امن جي بحالي ممڪن ٿي آهي. مراد علي شاهه چيو ته هُو روشين جي شهر ۾ راندين، قومي ۽ بين الاقوامي ادب ۽ موسيقي جا پروگرام، فن ۽ ٻين بحاليءَ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن شهر تمام گهڻي پريشانيءَ کي منهن ڏنو آهي پر هاڻ هن شهر جا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي هر هڪ لطف حاصل ڪندا. وڏي وزير ۽ چيئرمين پي سي بي سڪيورٽي پلان، ٽيمن جي اچڻ، اسٽيديم ڏانهن ايندڙ روٽس ۽ وزٽرس لاءِ سهولتن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *