ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي نقطو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي خواجا آصف جو چوڻ هو ته ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي نقطو آهي. تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير خواجا آصف ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن شوپيان ۾ معصوم نوجوانن جي شهادت جي مذمت ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جو چوڻ هو ته حق خوداراديت لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. پاڪستان ڪشميرين جي آرزوئن ۽ امنگن جو مرڪز آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ پرڏيهي وزارت مسئلو عالمي فورم تي به اٿاريو. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي نقطو آهي. سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *