سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي ڪراين ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير مير ممتاز حسين جکراڻي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي تازي گهٽتائي کان پوءِ مختلف روٽن تي هلندڙ انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ، گڊز ٽرانسپورٽ، رڪشا، ٽيڪسي ۽ اسڪول وين جي ڪراين ۾ 5 کان 8 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي ڪراين ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ سمورن ريجنل ٽرانسپورٽ سيڪريٽريز کي هدايت ڪئي آهي ته هو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي کان پوءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ان گهٽتائي جا ثمرات هر سطح تي عوام کي ملڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *