راولپنڊي ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، پيءُ ۽ 3 ٻار فوت، والده زخمي

راولپنڊي(م.ڊ) پيپلز ڪالوني جي گهر ۾ گيس سلينڊر جي ڌماڪي سبب لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ 3 ٻار سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته ماءُ زخمي ٿي پيا گيس جي لوڊشيڊنگ سبب راولپنڊي جي علائقي پيپلز ڪالوني ۾ گهر وارن سلينڊر هلائڻ لاءِ باهه ڏني ته زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي ۽ ويجهو ويٺل 3 ٻارڙا سڙي موقعي تي ئي فوات ٿي ويا جڏهن ته والدين زخمي ٿي پيا امدادي ٽيمن جي اهلڪارن زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جتي بارن جو پيءُ به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته والده کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *