ملڪ ۾ تيل جي ڪابه کوٽ ناهي، ترجمان وزارت پيٽروليم

اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي ڪا به کوٽ نه آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته آچر تي منجهند تائين پيٽرول پمپن کي 14 هزار 728 ميٽر ٽن پيٽرول فراهم ڪيو ويو، ترجمان چيو ته ملڪ ۾ روزانو سراسري ٻارنهن هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول جي کپت آهي. هن چيو ته آئل ڪمپنين وٽ 9 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول موجود آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي 32 ميٽرڪ ٽن واڌو پيٽرول لاٿو پيو وڃي. هن مهيني دوران وڌيڪ يارنهن تيل کڻندڙ بحري جهاز ساڍا ٽي لک ميٽرڪ ٽن پيٽرول کڻي پاڪستان پهچندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *