سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، 4 ڄڻا فوت، 11 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ عورت سميت يارنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا. مٺي ۾ ماروي پمپ وٽ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب نوجوان مبين سمون  فوت ٿي ويو ۽ قاسم سمون زخمي ٿي پيو. زخمي کي حيدرآباد اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏنو. ميرپورخاص ۾ ڪوس گهر وٽ چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو،جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو لياقت علي فوت ٿي ويو ۽ سعيده زخمي ٿي پئي. نصير آباد ويجهو باڊهه روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ محمد سومر ابڙو فوت ٿي ويو،جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نواب ولي محمد ويجهو قومي شاهراهه تي علي آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي دولتپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. فيض گنج ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عطا محمد مشوري زخمي ٿي پيو،کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *