سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان بيريئرز ۽ وال چاڪنگ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان بيريئرز ۽ وال چاڪنگ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ڪراچي مان بيريئرز ۽ رڪاوٽن بابت درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته 2011 ۾ بيريئرز جي خاتمي بابت سپريم ڪورٽ جو حڪم نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته رينجرز پاران بيريئرز هٽائڻ جو عمل واکاڻ جوڳو آهي جيڪو عمل جاري رهڻ گهرجي ڇو ته بيريئرز هئڻ سبب ڏوهه وڌي رهيا آهن درخاوست جي ٻڌڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران رپورٽ پيش ڪئي ويئي جنهن ۾ چيو ويو ته بلاول هائوس سميت اڳوڻن صدرن جي رهائشگاهه تان رنڊڪون هٽايون ويون آهن جڏهن ته پرڏيهي سفارتخانن مان سيڪيورٽي سبب رنڊڪون نٿيون هٽائي سگهجن عدالت شهر ۾ بيريئرز جو مڪمل خاتمو آڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *