سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جاري، ٿڌ ۾ واڌ، ماڻهو گهرن تائين محدود، نينگر فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات وقفي وقفي سان جاري، ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو، سکر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ نينگري حياتي وڃائي ويٺي، هڪ ئي گهر جا 7 ڀاتي زخمي ٿي پيا، لاڙڪاڻو، سکر، دادو، خيرپورناٿن شاهه، قمبرشهدادڪوٽ، نصيرآباد، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن ۾ برسات وقفي وقفي سان جاري آهي، صالح پٽ ۾ برسات سبب پولٽري فارم ڪري پيو.سکر جي نئون پنڊ واري علائقي احمد نگر پاڙي ۾ گهر جي اوچتو ڇت ڪري پئي، نتيجي ۾ چئن ورهين جي نينگري عليشه عرف تسليم شيخ فوت ٿي وئي، 7 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پيرسن عورت مٺان، ڇوڪري نازيا، نوجوان راشد، ماجد، زوهيب، عبدالمجيد ۽ عبدالحميد شيخ شامل آهن، واقعي بعد علائقي واسين ٻجي فوت ٿيل نينگري جو لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي ايڌي ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته اصل جڳهه عبدالحق بگٽي جي آهي، متاثر شيخ برادري جو خاندان ڪرائي تي رهندو هو، جڳهه ڪمزور هجڻ سبب ڪري پئي، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ ڪاري بڪار ۾ رات جو برسات پوڻ سبب محمد سليم مهر جو پولٽري فارم ڪري پيو، نتيجي ۾ 1500 کان وڌيڪ ڪڪڙيون مري ويون، لکين رپين جو نقصان ٻڌايو پيو وڃي. پيرڳوٺ ۾ برسات ۽ ٿڌ سان گڏ 20 ڪلاڪن کان بجلي بند ٿيڻ ماڻهن جي سورن کي وڌائي ڇڏيو، پيرڳوٺ ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان برسات پوڻ ۽ خطرناڪ حد تائين واڌ وڃڻ کانپوءِ سيپڪو پيرڳوٺ 20 ڪلاڪن کان بجلي بند ڪري ماڻهن جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، رهواسي سخت پريشان ٿي ويا، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، کاهي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ٿڌين هوائن سان گڏ هلڪي برسات جو وسڪارو جاري، سيءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو، بجلي جي اکٻوٽ جاري آهي،ڪاڇي ۾ مسلسل برسات کانپوءِ موسم ٿڌڙي ٿي وئي، سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي به بي انتها ٿڌ، برف ڄمي وئي، برف جي خوبصورت منظرن کي ڏسڻ لاءِ سياحن جو وڏو انگ گورک هل اسٽيشن وڃڻ لاءِ واهي پانڌي پهتل آهن،خانواهڻ شھر ۽ آسپاس جي مختلف علائقن تنيا بقا شاھ ديهات، ڏيوڻ شاخ ابياڻي ۽ شھر جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو،  گورنمينٽ هاءِ اسڪول تنيا بقا شاھ جي گيٽ وٽ پڻ برسات جو پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو. سنڌ جي مختلف شهرن سان گڏ ڪشمور شهر ۾ برسات جو وسڪارو ٿيڻ جي ڪري ڪشمور شھر روڊ ۽ رستن تي اڳئي نالين جو گندو پاڻي بيٺل، علائقي واسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا، نيوڇور ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ تيز برسات وقفي وقفي سان جاري آهي، ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري گهٽجي وئي، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، نئون ڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ برسات پڻ جاري آهي. ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *