خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ايران ۽ آمريڪا کي ڳالهين لاءِ راضي ڪجي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد /رياض (اين اين آءِ/م.ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ايران ۽ آمريڪا کي ڳالهين لاءِ راضي ڪجي ته جيئن مسئلا پرامن طريقي سان حل ٿين. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب پهچڻ کانپوءِ رياض ۾ سعودي پرڏيهي آفيس ويو، جتي سعودي هم منصب شهزادي فيصل بن فرحان السعود سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. شاهه محمود قريشي چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، امن ۽ استحڪام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته معاملا سفارتي ذريعن سان حل ٿين، پاڪستان جي ڪوشش اها ئي آهي ته ڌريون صبر جو مظاهرو ڪندي ڳالهين جو رستو اختيار ڪن. هن ڇڪتاڻ واري صورتحال گهٽائڻ لاءِ خطي جي ٻين پرڏيهي وزيرن سان رابطن بابت به سعودي هم منصب کي آگاهه ڪيو. سندس چوڻ هو اسان کي ڳڻتي آهي ته جيڪڏهن ان باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته اها سڄي خطي ۾ متاثر ڪري سگهي ٿي، سٺي ڳالهه اها آهي ته ايران ۽ آمريڪا پنهنجي بيانن ۾ واضح ڪري چڪا آهن ته اسان وڌيڪ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، ان حالتن ۾ ڌرين کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ ضروري آهي. ان کان اڳ شاهه محمود قريشي رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو ته سعودي عرب جي پروٽوڪول واري ڊپٽي وزير اعظم اليقين، سعودي ۾ پاڪستاني سفير راجا علي اعجاز ۽ ٻين سينيئر اختيارين سندس آڌرڀاءُ ڪيو.

ٻئي طرف پاڪستان چيو آهي ته جنگ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان رڳو امن ۾ حصيدار بڻجي سگهي ٿو ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت، نه خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو بڻجندو، جڏهن ته ايران چيو آهي ته ايران ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ کي اهميت ڏئي ٿو، سومر تي شاهه محمود قريشي جي ايران بابت دوري جي حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي هدايت جي روشني ۾ خطي جي ملڪن جي دوري جي پهرين حصي ۾ شاهه محمود قريشي 12 ۽ 13 جنوري تي ايران جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد ڇڪتاڻ گهٽائڻ، سفارتي ذريعن سان اڳتي وڌڻ جو رستو هموار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو، پرڏيهي وزير ايران جي صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سان ڌار ملاقات ٿي انهن ملاقاتن ۾ وچ اوڀر، نار وارن ملڪن جي صورتحال ۽ تازن واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن تي به ڳالهيون ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *