عمران خان جي اڳواڻي ۾ ٽيڪس اڳاڙي ۾ واڌ ٿي آهي:فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سعيد غني صاحب توهان جي لاعملي تي افسوس آهي، قوم جو مال لٽڻ ۽ ڪوڙن انگن اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو به پتو ناهي ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ٽيڪس اڳاڙي ۾ واڌ ٿي آهي، ايف بي آر جي پورٽل تي ماڻهن جو سفر، زمين جي لين دين، ود هولڊنگ ۽ گاڏين بابت تفصيل مهيا آهي، ٽوئيٽر تي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي ڇهه ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽيڪس 2085 آهي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته امپورٽيڊ جو انگ 21 سيڪڙو گهٽ ٿيو، جڏهن ته گهرو ٽيڪسز يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو. 34 سيڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو واڌ ٿي، هن چيو ته سماٽ فونز ذريعي ساليانا گوشوارا جمع ڪرائڻ لاءِ ٽيڪس آسان ايڪٽ متعارف ڪرائي وئي، هن چيو ته عمران خان اهو پهريون وزيراعظم آهي جنهن ملڪ ۾ ٽيڪس اڳاڙين کي هڪ تحريڪ جي شڪل ڏني ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن تي ڪم ڪيو، هن چيو ته هلندڙ سال 105 ريفنڊ جاري ٿيا، گذريل سال 36 ارب جا ريفنڊ جاري ٿيا هئا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *