سنڌ جو مشهور لوڪ فنڪار جگر جلال اغوا

 

شڪارپور(شوبز نيوز) سنڌ جي لوڪ فنڪار جگر جلال چانڊئي 4 ساٿين سميت اغوا ڪيو ويو.جگر جلال ڪجهه مهينا اڳ احمد رشدي جو مشهور گانو ڪوڪو ڪورينا ڳائي پوري ملڪ ۾ شهرت حاصل ڪئي هئي.پوليس موجب جگر جلال کي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي کان شرڪارپور ويندي اغوا ڪيو ويو.شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته جگر جلال سان گڏ ڀاءُ، ڀائيٽئي ۽ ٻن شاگردن کي پڻ اغوا ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جي گاڏي تيغو جي علائقي مان ملي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *