آمنا الياس کي فلم انڊسٽريءَ جو مستقبل روشن نظر اچڻ لڳو

 

لاهور (شوبز نيوز)من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل آمنا الياس چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جو سونهري دور هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي رهيو آهي، معياري فلمون ٺهڻ سان پرڏيهي فلمن کي پسند ڪرڻ جو سلسلو پڻ گهٽجي رهيو آهي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آمنا الياس چيو ته اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي، فلمسازي جي تربيت وٺڻ لاءِ ادارا به ناهن پر ان باوجود فلم جو جيڪو معيار اسان وٽ نظر اچي رهيو آهي، اهو گهڻين ئي ڪامياب فلم انڊسٽرين جو نه هو، جيڪڏهن اسان ان کي پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو پهريون قدم قرار ڏيون ته غلط نه هوندو، ڇو ته منزل پري آهي ۽ رستو تمام ڏکيو پر اتي پهچڻ ناممڪن به ناهي.هن چيو ته اسان وٽ باصلاحيت فلم ميڪر، رائيٽر، ڊائريڪٽر، موسيقار ۽ فنڪار اها ڳالهه چڱي طرح ڄاڻين ٿا ته اسان جو مقابلو جنهن فلم انڊسٽري سان آهي، اها هر لحاظ سان اسان کان اڳتي آهي پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهون ٿا ته اسان به ڪنهن کان گهٽ ناهيون، هڪ پاسي پاڙيسري ملڪن ۾ ٺهندڙ فلمن کي حڪومتي سپورٽ حاصل آهي پي ٻئي پاسي پاڪستان فلمون پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيون پيون وڃن، جتي حڪومت جي سپورٽ ناهي، نه ئي پرڏيهي سيڙپڪار اڃا تائين سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن.سندس چوڻ هو ته اسان کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اسان جو معيار عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، جنهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.آمنا الياس چيو ته هلندڙ سال منهنجون ٻه فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون ۽ ملندڙ ريسپانس اميدن کان وڌيڪ هو، اهڙي ئي ريت ساٿي فنڪارن جون فلمون به هر لحاظ سان شاندار هيون، منهنجي خيال ۾ اهو دور پري ناهي جو سڄي دنيا ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جا چرچا هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *