ڪرنٽ لڳڻ سان 13 ڄڻا فوت ٿيا ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا،آئي جي کي رپورٽ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل فوتگين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنٽ لڳڻ سان 13 ڄڻا فوت ٿيا ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا. ڪراچي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيلن بابت رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪئي وئي آهي. اي آءِ جي آپريشنز سنڌ طرفان پيش ڪيل رپورٽ موجب 29 جولاءِ کان 13 آگسٽ تائين شهر ۾ برساتون ٿيون، برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سان گڏيل طور تي 13 ڄڻا فوت ٿيا. رپورٽ موجب ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگين کان پوءِ ڪراچي جي علائقن درخشان، پاپوش نگر، تيموريا، شارهه نور جهان، اجمير نگري، گلبهار سائيٽ، سپر هاءِ وي ۽ بغدادي ۾ ڪيس داخل ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملير سٽي ۾ داخل ڪيسن جو انگ 2 آهي، جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ جي ڪيسن جو گڏيل طور داخل جو انگ 10 آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *