سنڌ اسيمبلي ۾ لوڪل گورنيمينٽ ترميمي بل 2015ع اڪثريتي راءِ سان منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هدايت جي روشني ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ( ترميمي) بل 2015 اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جنهن تحت بلدياتي تڪن (وارڊز، يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽيز) جي تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته چونڊن جو طريقيڪار به تبديل ڪيو ويو آهي. ان ترميم جي منظوري سان پهرين سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪميٽين ۾ سياسي پارٽين کي چونڊن جي لاءِ اميدوارن جا پينل نامزد ڪرڻو هو پر هاڻ ترميم ٿيڻ بعد بلدياتي ادارن جو بنيادي يونٽ وارڊ هوندو. هر يو سي يا يونين ڪميٽي ۾ 4 وارڊ هوندا ۽ هر وارڊ ۾ سياسي پارٽيون اميدوار بيهاري سگهنديون. اهڙي ريت پينل جي بدران انفرادي اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ترميم موجب ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ يونين ڪميٽين ۾ آبادي جي حد 40 کان 50 هزار هوندي. پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ايوان کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن کي بلدياتي تڪن جي تڪبندي جا اختيار صرف ان وقت هوندا جڏهن بلدياتي چنڊون ٿينديون. بلدياتي چونڊن بعد تڪبندين جوا ختيار سنڌ حڪومت وٽ هوند. ترميمي بل تحت سنڌ حڪومت گزٽ نوٽيفڪيشن تحت ميونسپل ڪميٽيون ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ يونين ڪائونسلن، يونين ڪميٽين ۽ وارڊز جي تعداد جو تعين ڪندي ۽ ان جي تڪ بندي به ڪندي ان جي بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انهن يو سيز، يونين ڪميٽيز ۽ وارڊن جي نئين سر تڪبنديون ڪري سگهندي پر حدبندي جي لاءِ ڪجهه اصول به واضح ڪيا ويا آهن. مثال طور هر وارڊ، يو سي ۽ يونين ڪميٽي جي حد هڪ علائقي جي اڪائي هوندي ۽ ان جي آبادي به برابر هوندي، اهي حدون ڪنهن روينيو تعلقي، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪميٽي يا ٽائون ڪميٽي جي حدن کي نه اورانگهيندي، تڪبندي ڪندي تڪبندي ايڪٽ 1973 ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تي به عمل ڪيو ويند. ترميمي بل تحت هڪ يونين ڪائونسل يا يونين ڪميٽي چئني وارڊن تي ٻڌل هوندي ۽ هر وارڊ جي لاءِ هڪ ميمبر چونڊيو ويندو. هڪ يونين ڪائونسل ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ روينيو ديهه يا وارڊ يا هڪ يا هڪ کان وڌيڪ آدمشماري بلاڪس شامل هوندا ۽ ان جو تعين اليڪشن ڪميشن ڪندي شهري يا ٻهراڙي جي علائقن ۾ هڪ وارڊ هڪ مردمشماري بلاڪ تي ٻڌل هوندو، ان جو فيصلو به اليڪشن ڪميشن ڪندي. ترميمي بل تحت حڪومت بلدياتي تڪبندين جي تعين جي لاءِ لاڳاپيل بلدياتي اداري جي ماڻهن جي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندي. جنهن بعد ڪنهن به ڪائونسل جي حد ۾ واڌ يا تبديلي ڪري سگهي ٿي. بل موجب يو سي ۽ يونين ڪميٽين جي چونڊن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين گڏيل اميدوار هوندا، 4 وارڊن مان هڪ جنرل ميمبر چونڊيو ويندو. هڪ عورت ميمبر، هڪ مزدور ميمبر ۽ هڪ غير مسلم ميمبر جي به سيٽ هوندي. يونين ڪميٽي جو چيئرمين لاڳاپيل ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن يا ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پنهنجي يونين ڪميٽي جي نمائندگي ڪندو ۽ وائيس چيئرمين لاڳاپيل ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پنهنجي يونين ڪميٽي جي نمائيندگي ڪندو. بل موجب ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبرن ۾ لاڳاپيل ضلعي جي يونين ڪميٽين جا چونڊيل وائيس چيئرمين، 22 سيڪڙو عورتون، 5 سيڪڙو غير مسلم، 5 سيڪڙو هاري/مزدورن جا نمائيندا شامل هوندا. اهڙي ريت ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ميمبرن ۾ يونين ڪميٽين جا چونڊيل چيئرمين، 22 سيڪڙو عورتون، 5 سيڪڙو غير مسلم ۽ 5 سيڪڙو هاري مزدورن جا نمائيندا شامل هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *