پ پ 7 سالن دوران هرشعبي ۾ ترقي ڪئي پر مخالف مڃڻ لاءِ تيار ناهن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ سنڌ ۾ 7 سالن جي دور ۾ هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي پر مخالف مڃڻ لاءِ تيار نه آهن، ميڊيا اسان جي بهتر ڪمن کي به ظاهر ڪري، موجوده دور ۾ ميڊيا جي وڏي اهميت آهي، ڪراچي پريس ڪلب جو مثالي ڪردار ملڪگير سطح تي اعتراف ڪيو وڃي ٿو، هو اڱاري تي ڪراچي پريس ڪلب جي دوري تي اتي موجود صحافين کي خطاب ڪري رهيو هو، وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران صوبائي بجيٽ ۾ اعلان ڪيل هڪ  ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو چيڪ ڪلب جي عهديدارن حوالي ڪيو، ان موقعي تي شرجيل ميمڻ، وقار مهدي، نجمي عالم، لطيف مغل ۽ ٻيا شامل هئا، وڏي وزير جي پريس ڪلب پهچڻ تي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري اي ايڇ خانزاده ۽ بين ميمبرن آجيان ڪئي، وڏي وزير جي ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ جي موقعي تي کيس ڪراچي پريس ڪلب جي سڄي ڄمار ميمبرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، وڏي وزير خطاب ۾ چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي ذهني صلاحيتن جي اعتبار کان ۽ صوبو پنهنجي قدرتي وسيلن کان مالا مال آهي پر ان جي باوجود ڪجهه ماڻهو اهو چون ٿا ته سنڌ جو عوام ذهين نه آهي، هن چيو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جو تعلق به سنڌ سان هو جن پنهنجون صلاحيتيون بين الاقوامي سطح تي مڃرايون، هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جي هنڌ آهي، هتان جا صحافي ذهين آهن، هن چيو ته ڪراچي جا صحافي جڏهن سچ لکڻ تي اچن ٿا ته پنهنجي خلاف لکڻ کان نٿا ڊڄن، اهي سڀني سامهو اصولي ڳالهه بنا خوف ۽ خطري ڪن ٿا، وڏي وزير چيو ته جڏهن ته ڪو به وڏو حادثو ٿئي يا ڪو ٻيو واقعو ٿئي ته ڪراچي ميڊيا منهنجي لاءِ خبر فراهم ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو آهي، هن چيو ته اسان جي ايجنسي کي خبر دير سان پهچي ٿي ۽ سرڪاري ڪامورا خبر دير سان آڻين ٿا، هن چيو ته ان جو هي معمول آهي ته هو صبح جو سڀ کان پهريان 5 منٽ ٽي وي جون اهم خبرون ڏسندو آهي ۽ هڪ ڪلاڪ اخبارن جو مطالعو ڪندو آهي ۽ پوءِ اخباري ٽڪڙا ڪڍي مختلف حڪم جاري ڪندو آهيان، هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 7 سالن ۾ عوام جي وڏي خدمت ڪئي آهي، اقتصادي ۽ معاشي لحاظ کان سنڌ اڳتي وڌي آهي، تعليمي شعبي ۾ سنڌ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، پبلڪ سيڪٽر ۾ 9 وڏيون يونيورسٽي قائم ڪيون ويون جنهن ۾ لياري يونيورسٽي به شامل آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ 52 اسڪول هلائي رهيا آهيون مان 12 هزان جي حالت خراب هئي ان مان 80 سيڪڙو ٺيڪ ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته ٿرپارڪر ۾ ڪو ٻارڙو فوت ٿئي ٿو ته اخبارن ۾ هي خبرون لڳي وڃن ٿيون ته ٿر ۾ بک وگهي ٻارڙا مري رهيا آهن، هن سوال ڪيو ته ڇا ٻارڙو ماني يا ڊبل روٽي کائيندو آهي، هن چيو ته ٻارڙا غذائي کوٽ نه پر ويم دروان فوت ٿين ٿا. هن ٻڌايو ته ميرپور خاص، مٺي، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر جي ٻين علائقن ۾ ڀرپور طبي سهولتون موجود آهن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ ڏينهن دوران اڍائي هزار مريضن کي تپاسيو ويندو آهي. وڏي وزير چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿرپارڪر جي عوام لاءِ کاري پاڻي کي ميٺو بڻائڻ لاءِ تخليقي تصور پيش ڪيو، مٺي۾ روزانو 20 لک گيلن خاري پاڻي کي مٺو ڪيو پيو وڃي جيڪو ايشيا ۾ سڀ کان وڏو آر او پلانٽ آهي، هن منصوبي کانپوءِ ٿر ۾ هاڻ ڪڏهن به ڏڪار واري صورتحال پيدا نه ٿيندي، هن چيو ته ڪاري سون جي دولت سان مالا مال علائقو آهي جتي بجلي پيدا ٿي دنيا جا ماڻهو اتي سلام پيش ڪرڻ ايندا، وڏي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي سڄي ڄمار ميمبرشپ ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي منهنجي لاءِ اعزاز آهي، عهدا اچڻا وڃڻا آهن، سڀاڻي عهدو نه هوندو ته مان به ڪراچي جي صحافين سان هتي ويهندس، ڪلب جي عهديدارن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين مهمانن کي روايتي سنڌي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *