دهشتگردن جي ايجنڊا اسلام دشمن آهي، انهن کي اسلام سان نه جوڙيو وڃي: چوڌري نثار

لنڊن(م.ڊ) دهشتگردي کي اسلام سان نه جوڙيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لندن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته دهشتگرد انتهاپسندن جو ايجنڊا اجاگر ڪري رهيا آهن ۽ اسلام جي جنگ جو تاثر ڏئي رهيا آهن، بين الاقوامي دهشتگردن خلاف قدم کڻڻ گهرجن، چوڌري نثار چيو ته 60 کان وڌيڪ ملڪن واشنگٽن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان قرارداد منظور ڪئي وئي، پاڪستان ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *