سنڌ اسيمبلي سڄي صوبي ۾ شاگرديونين جي بحالي جو تاريخي بل گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو، زبردست نعريبازي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي جمعي تي سڄي صوبي ۾ شاگرديونين جي بحالي جو تاريخي بل گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو بل منظور ٿيڻ جي موقعي تي ايوان۾ زبردست نعريبازي ڪئي وئي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ سنڌ صوبي کي اهو اعزاز حاصل ٿي ويو اآهي ته هو شاگرد يونين کي بحال ڪندڙ پهريون صوبو بڻجي ويو آهي سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه هن بل جي منظوري کي هڪ تاريخي واقعو ڪوٺيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعليمي ادارن ۾ مثبت ماحول پيدا ٿيندو شاگرد يونينز نفرت ۽ چڙ ڏياريندڙ سرگرمين۾ حصو نه وٺنديون هن تاريخي فيصلي جو ڪريڊٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن وڃي ٿو جي ان حوالي سان شاگردن جي رهنمائي به ڪئي هئي جمعي تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ اسٽونٽنٽس يونين بل 2019 ايوان ۾ آندو ويو جنهن جي حمايت اپوزيشن جي سمورن پارليماني گروپن پارانڪئي وئي جن ۾ پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي به شامل هئي ايوان کي ٻڌايوويوت ه شاگرد يونين جي بحالي جي مسوده قانون ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا ويا آهن شاگرد يونينز تي 1984 ۾ پابندي لڳائي وئي هئي ۽ هاڻي سنڌ اسيمبلي هڪ قانون ذريعي ان کي ختم ڪري رهي آهي اهڙي طرح سنڌ شاگرد يونين کي بحال ڪندڙ پهريون صوبو بڻجي ويو آهي، ايوان جڏهن هي بل گڏيل طور تي پاس ڪيو ته اڀ ڏاريندڙ نعرن سان ان جي آجيان ڪئي وئي ميمبرن شاگرد يونين جي حق ۾ نعرا هنيا ان موقعي تي مراد علي شاهه ايوان ۾ خطاب ڪندي چيوت ه اڄ تاريخي ڏينهن آهي شاگرد يونينز تي هڪ ڊڪٽيٽر جي دور ۾پابندي لڳي هئي جنهن کي اڄ سنڌ اسيمبلي ختم ڪري ڇڏيو آهي منطور ڪيل بل تحت تعليمي ادارن ۾ هڙتال ڪالاسز جوبائيڪاٽ ڪرڻ اسلحو آڻڻ ڏوهه هوندو هر سال شاگرد يونين جي اليڪشن ٿيندي چونڊيل نمائندن کي يونيورسٽين جي سينيٽ ۽ سيڊيڪيٽ ۾ نمائندگي ڏنيويندي استادن جي عزت احترام شاگردن جي اعلي سماجي تعليمي معيار کي يقيني بنائڻ شاگرد يونين جي ذميواري هوندي سنڌ جي سمورين خانگي ۽ سرڪاري يونيورسٽين ڪاليجز ۽ فني تعليم جي ادارن ۾ شاگرد يونينز جوقيام عمل ۾ آندو ويندو سنڌ اسٽونٽنڊٽ يونين ايڪٽ تحت قانون لاڳو ٿيندڙ جي ٻن مهينن اندر يونيورسٽيون شاگرد يونين لاءِ قائدا تيار ڪرڻ جون پابند هونديون هر تعليمي اداري ۾ شاگرد يونين جي هر سال اليڪشن ٿيندي ۽ ستن سالن کان 11 شاگرد يونين جي چونڊ ڪئي ويندي شاگرد يونين جي چونڊيل نمائندن کي درسگاه جي حراسگي روڪٿام ڪميٽي ۾ شاگرد يونين جو هڪ نمائندوشامل هوندو شاگرد يونين ايڪٽ تحت شاگرد تعليمي اداري ۾ آئين جي خلاف سرگرمي ۽ نفرت ۽ چڙ ڏياريندڙ قدم ۽ اسلحو آڻڻ ي پابندي هوندي شاگرد يونين ايڪٽ تحت پڙهائي تعليمي ۽ انتظامي معاملن ۾ رنڊنڪ وجهڻ جرم هوندو فرق ناانصافيکي روڪڻ لاءِ شاگرديونينز ڪردار ادا ڪنديون سنڌ شاگرد يونين جي ايڪٽ جي شق تحت استادن جي عزت سماجي ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ صحتمند بامقصد ڳاله ٻولهه کي هٿي ڏيڻ شاگرد يونين نمائندن جي بنيادي ذميواري هوندي ايڪٽ تحت ڪلاسز جو بائيڪاٽ، تعليمي اداري ۾ هڙتال ۽ درسگاه جي قائدن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي سنڌ شاگرد يونين ايڪٽ جي تحت يونينز شاگردحقن ۽ مفادن جي تحفظ ۽ شاگردن جي سماجي ۽ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندي بل منظور ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومرجي منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *