حڪومت ڪرونا دوران مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون سان معاشي طور تي ڪمزور طبقي جو تحفظ ڪيو: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪرونا جي دوران مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون سان معاشي طور تي ڪمزور طبقي جو تحفظ ڪيو حڪومتجي ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي جي سڄي دنيا ۾ موٽ ملي ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۾ عوام وڏو ساٿ ڏنو پاڪستاني قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي قرباني کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي جمعي تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪرونا روڪٿام لاءِ قدمن جو اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو اجلاس کي ملڪ ۾ اوميڪرون جي لهر جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي سطح ۽ خطي ۾ ان جي پکيڙ کان به آگاهه ڪيو اجلاس کي ٻڌايوويو ته عالمي سطح تي جنوري ۾ اوميڪرون جي بلند سطح کان پوءِ ڪيس گهٽجڻ شروع ٿي ويا آهن پر اڃا به يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪيسن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي خطي ۾ هن وقت ڪرونا وگهي فوتگين جي حوالي سان ڀارت پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته هاڻي به گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو روزانو ڪرونا وگهي فوت ٿي رهيا آهن اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ وارن قدمن جي ڪري اوميڪرون جا ڪيس گهٽجڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم اين سي او سي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ جڏهن لاڪ ڊائون جي خلاف ماڻهو رستن تي هئا پاڪستاني عوام نه رڳو ايس او پيز تي عمل ڪيو حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون قدمن ۾ ڀرپور تعاون ڪيو پر ويڪسينيشن ۾ به وڌ ۾وڌ حصو ورتو وزيراعظم چيو ته حڪومت جي رليف ۽ قدمن سبب صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪرونا گهٽ کان گهٽ اثرانداز ٿيو وزيراعظم چيو ته فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جون قربانيون ۽ ڪرونا کي منهن ڏيڻ لاءِ خدمتن تي پوري قوم ان کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي اجلاس کي وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪتر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، ميجر جنرل ظفر اقبال، ڪمانڊر، اين سي او اسي ميجر جنرل اصف گورايا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *