عمران خان بي اعتمادي واري رٿ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙي سگھي ٿو، منظور وساڻ جو اهم خواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ وڏي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ممڪن آهي ته عمران خان بي اعتمادي واري رٿ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙي سگھي ٿو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ممڪن آهي ته 23 مارچ جي پريڊ ۾ عمران خان بدران ڪو ٻيو شرڪت ڪري. هن چيو ته 2 مهينا گھڻا اهم آهن، عمران خان لاءِ هڪ کان پوءِ ٻيو بحران ايندو، هن ئي سال عام چونڊون به ٿي سگھن ٿيون. پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان لاءِ 23 مارچ جو ڏينهن گھڻو اهم آهي، ٿي سگھي ٿو ته بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ ئي وزيراعظم اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. اڄ ٻاهر گھمندڙ سڀاڻي جيل ۾ ٿي سگھن ٿا. صحافين پاران منظور وساڻ کان سوال ڪيو ويو ته ڇا 23 مارچ جي پريڊ ۾ عمران خان وزيراعظم طور شريڪ ٿيندو؟ جنهن تي هن چيو ته ممڪن احي ته عمران خان جي جاءِ تي ڪو به شرڪت ڪري. صحافي کانئس پڇيو ته ان سڀ جي پٺيان ڪير آهي جيڪو ڏوريون لوڏائي رهيو آهي؟ جنهن تي سندس چوڻ هو ته جيڪي پٺيان هوندا آهن اهي نظر ناهن ايندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *