سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 16 فيبروري تائين ملتوي، هڪٻئي تي الزام لڳائڻ سان جمهوريت کي نقصان رسندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب 16 فيبروري تائين ملتوي ڪيو ويو، سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته ڪورم پورو نه هئڻ تي اسپيڪر کي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اختيار آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ايوان ۾ رڳو 2 حڪومتي ميمبر ويٺل هئا. ڪورم پورو نه هئڻ سبب اسپيڪر اجلاس سومر تائين  ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته ڪورم پورو نه هئڻ تي اسپيڪر کي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اختيار آهي. هن چيو ته ايوان جو ڪورم پورو ڪرڻ سڀني ميمبرن جي ذميواري آهي، اجلاس جو وقت 10 وڳي هئڻ باوجود اسپيڪر ڪجهه منٽن تائين ميمبرن کي اچڻ لاءِ موقعو ڏنو ۽ گهنٽيون وڄنديون رهيون. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ته حڪومت مخالف ڌر جي غير حاضري ۾ 10 منٽن اندر 12 بل منظور ڪيا،پر هــُنن اها روايت نه ورجائي آهي. نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته 12 مئي سانحي بابت جـَي آءِ ٽي رپورٽ جاچ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ٿي هوندي، هڪٻئي تي الزام لڳائڻ سان جمهوريت کي نقصان رسندو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند ناهن ٿيندا. عمران خان پاران زهره شاهد جو قتل ڪيس فوجي عدالت ڏانهن اماڻڻ واري مطالبي واري سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته ڪا به سياسي پارٽي ڪو به ڪو مطالبو ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عمران خان ڪراچي واري جلسي ۾ زهره شاهد جي قتل واري واقعي تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو ۽ هاني فوجي عدالتون قائم ٿيون آهن تنهن ڪري هــُن اهڙو مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *