ايم ڪيو ايم عمران خان خلاف مذمتي ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم، عمران خان پاران الطاف حسين خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو،متحده ميمبرن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي جو اڄوڪو اجلاس ملتوي ڪرڻ غيرآئيني هو. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجا اظهار الحسن ۽ سيد سردار  احمد، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان الطاف حسين خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ تي مذمتي ٺهراءُ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو. مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائڻ بعد متحده ميمبرن سيد سردار احمد، خواجا اظهار الحسن ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي جو اڄوڪو اجلاس غير آئيني طور ملتوي ڪيو ويو آهي. سيد سردار احمد چيو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻ لاءِ 5 منٽ گهنٽي وڄائڻ گهــُرجي ها. سردار احمد چيو ته ايوان ۾ حڪومت جا رڳو 2 ميمبر موجود هئا، جڏهن ته اڄوڪي اجلاس ۾ کين عمران خان جي بيان تي ڳالهائڻو هو. هن چيو ته عمران خان الطاف حسين خلاف غلط زبان استعمال ڪئي آهي. سيد سردار احمد چيو ته ايندڙ سومر تي ايوان جو ڪورم پورو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *