عمران خان پاران الطاف حسين خلاف برطانيه ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جـَي سربراهه عمران خان، عورتن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي الطاف حسين خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 23 سالن کان هڪ شخص لنڊن ۾ ويهي ماڻهن کي ڊيڄاري ڌمڪائي رهيو آهي، کيس موت جو خوف ناهي، جلد ڪراچي جو دورو ڪندس. اسلام آباد ۾ بني گالا واري رهائشگاهه ٻاهران ميڊيا سانڳالهائيندي عمران خان چيو ته الطاف حسين خلاف سندس ڪاوڙ ختم ناهي ٿي، متحده سربراهه جهڙي ريت پي ٽي آءِ جي عورتن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا، ان تي هو تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو.  هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن تحريڪ انصاف جي عورتن خلاف گندي زبان استعمال ڪئي، الطاف حسين سميت سندس پارٽي قيادت کي ڳالهائڻ جي تميز ئي ناهي. عمران خان چيو ته پيمرا رڳو حڪومت مٿان خراب وقت اچڻ تي جاڳندو آهي پر جهڙي ريت الطاف حسين تقرير ڪئي، ان وقت اداري جا عملدار ڪٿي هئا،  پيمرا کي الطاف حسين جي گٿن لفظن جو نوٽيس  وٺي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته الطاف حسين بزدل ۽ دهشتگرد آهي، جيڪو لنڊن مان ويهي ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي رهيو آهي. ڪراچي وڃڻ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته کيس ڪو به خوف ناهي، هو بغير سڪيورٽي جي جلد ڪراچي جو دورو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *