سني ليون شاهه رخ خان کي اسٽار سان گڏ سٺو پيءُ به قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سني ليون شاهه رخ خان کي فلم نگري جي اسٽار سان گڏوگڏ هڪ پيار ڪندڙ پيءُ به قرار ڏنو آهي. بالي ووڊ اداڪار سني ليون فلمي ڪيريئر جو آغاز 2012ع ۾ ريليز ٿيندڙ فلم” جسم 2“ کان ڪيو پر هن شهرت جاندار اداڪاري جي ذريعي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته اداڪارا تازوئي ۾ ڪنگ خان سان گڏ فلم”رئيس“ ۾ جوهر به ڏيکاريا هئا جنهن تي کيس ڏاڍي خوشي ٿي، سني ليون شاهه رخ خان سان گڏ فلمي تجربي دوران ان جي زندگي جي راضن تان پڙدو کڻي ڇڏيو آهي. ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو ته هو شاهه رخ خان ننڍي پٽ ابرام کان فلم” رئيس“ جي سيٽ تي ملي ۽ ان سان گڏ راند ڪندي سٺو وقت گذاريو جڏهن ته ان دوران به ڪنگ خان پنهنجي پٽ تي تواجا ڏئي ويٺو هيو، سني ليون جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ دوران سندس وڏو پٽ سيٽ تي آيو هو جنهن تي هن توجا ۽ ملنسار  سان گڏ پٽ کي وقت ڏنو هو ۽ هي عمل رڳو شفيق پيءُ ئي ڪري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *