خطن ذريعي وزير اعظم بچائڻ وارو قطري شهزادو ڪرپٽ ترين انسان آهي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ خطن ذريعي وزير اعظم بچائڻ وارو قطري شهزادو ڪرپٽ ترين ماڻهو آهي، قطري شهزادا شريف خاندان جا بزنس پارٽنر آهن، نواز حڪومت ايل اين جي ۽ پورٽ قاسم جو ڪنٽريڪٽ به قطر کي ڏنو. هن چيو ته گذريل ست سالن ۾ شريف خاندنا قطر جو ڪڏهن به نالو ناهي ورتو. جڏهن کان سپريم ڪورٽ آيا آهيون ڪڏهن قطري ون ۽ ڪڏهن قطري ٽو ٿو اچي. پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مون تي آف شور ڪمپنين جو الزام لڳايو ويو آهي، آئون ۽ منهنجو خاندان پنهنجي پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ٿو. هن چيو ته داعتل ۾ نواز شريف مني ٽريل ٻارن تي وجهي ڇڏيو آهي ۽ ٻار چون ٿا ته اسان کي ڪا به خبر ناهي سڀ ڏاڏي کي خبر آهي.  هن چيو ته 1993ع کان وٺي 2006ع تائين فليٽ قطرين جي نالين تي هئا ان عرصي ۾ 30 ڪروڙ رپيا ڀاڙو ٺهيو، اهو ڀاڙو ڪنهن ڏنو، جڏهن ته ثبوت گهريا ويندا آهن ته قطري حاتم طئي بڻجي ايندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته قطري ڪرپٽ ترين انسان آهي جنهن سيف الرحمان سان گڏجي ايل اين جي ۽ پورٽ قاسم جو ڪنٽريڪٽ ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *