ديشا پٽاني ٽائيگر سان افيئر واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا ديشا پٽاني اداڪار ٽائيگر شيروف سان گڏ افيئر واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون. رپورٽن موجب ديشان پٽاني جيڪا بالي ووڊ ۾ نئي آيل اداڪار آهي ۽ سندس نئي ايندڙ فلم” ڪنگ فويوگا“ آهي، جنهن ۾ هنن جيڪي چن ۽ سونو سعود سان گڏ ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته سندس ٽائيگر شيروف سان گڏ ڪو افيئر يا پيار تي ٻڌل لاڳاپو ناهي، جڏهن ته هن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ان حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اهڙيون افوائون بي بنياد آهن ۽ ٽائيگر سندس هڪ سٺو دوست آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *