پاڪ فوج خلاف بيان تي خاموش نه ويهنداسين: نوازشريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪ فوج خلاف بيان تي خاموش نٿا ويهي سگهون. وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف وچ ۾ گذريل ڏينهن ٽيليفون رابطو ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران پاڪ فوج بابت ڏنل بيان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف روس جي دوري تي آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف ساڻس ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ذريعن موجب آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪلاءِ جنگ وڙهي رهي آهي انُ خلاف بيان تي خاموش نٿا رهي سگهون ۽ اُهو نٿو ٿي سگهي ته ڪو پاڪ فوج خلاف بيان ڏئي ۽ اسين چپ رهون. ذريعن موجب وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بيان تي گهرو وزير چوڌري نثار جي ردعمل کي به ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *