سماج ۾ تبديلي لاءِ هر ماڻهو کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: وديا بالن

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ۽ ڀارتي سينسر بورڊ جي ميمبر وديا بالن چيو آهي ته فلمون اسان جي سماج جو آئينو آهن، اهي عام ماڻهن جي سوچ ۽ زندگي تي اثرانداز ٿين ٿيون، ماڻهو فلمن ۾ اٿاريل مختلف معاملن تي سوچڻ ۽ بحث ڪرڻ لڳن ٿا. هڪ انٽرويو ۾ وديا بالن چيو ته اڄڪلهه ڪيترين ئي فلمن ۾ اهڙن معاملن کي آندو پيو وڃي اڳ ۾ جن کي ڪارپيٽ هيٺان ڍڪيو ويندو هو. هن چيو ته سئنيما حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي، سماج ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو فلمن ۾ ڏيکاريو پيو وڃي ۽ انهن معاملن تي جاڳرتا پيدا ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب۾ هن چيو ته فلمون ڪرڻ جو مقصد ماڻهن کي اداڪار طور هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ آهي پر ان فلم مان ڪنهن کي جو پيغام ملي ٿو ۽ اهو ان تي سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته اها سٺي ڳالهه هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *