دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا هالي ووڊ ۾ فلاپ ٿي ويو

نيويارڪ(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا ٻنهي هالي ووڊ ۾ انٽري ڪئي هئي ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ به شروع ڪيو هو، جن ۾ هنن کي ڪجهه حد تائين ڪاميابي به حاصل ٿي هئي، پر ٻنهي اداڪارائن کي اهو توجهه نه مليو جيڪو هنن کي هالي ووڊ جي ڪيريئر جي شروعات ۾ مليو هو، ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ نگري ۾ اداڪاره پريانڪا ۽ دپيڪا شاندار اداڪاري کانپوءِ هالي ووڊ ۾ به نالو ڪمايو، جڏهن ته پنهنجي پنهنجي هالي ووڊ جي پهرين ڪامياب فلمن کانپوءِ انهن ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، اداڪارائن کي ٽين چوائس ايوارڊز به مليا هئا، اداڪاره پريانڪا چوپڙا کي ان فلم ۾ ”بي واچ“ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، جڏهن ته دپيڪا پڊوڪون کي فلم ”ٽرپل ايڪس آف دي زينڊر ڪيج“ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، پر ٻنهي اداڪارائن ايوارڊ حاصل نه ڪري سگهيا، واضع رهي ته اداڪارا دپيڪا ۽ پريانڪا چوپڙا ٻئي ئي هالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ ناڪام ٿي چُڪيون آهن.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *