پاڪستان کي ڪرپشن، ظلم کان بچائڻ لاءِ پنجاب جي عوام کي اٿڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): عمران خان سان شيخوپوره جي مشهور سياسي شخصيتن ملاقات ڪئي آهي،ملاقات ڪندڙن ۾ شفقت رسول گهمن ۽ افتخار رسول گهمن شامل آهن، شفقت رسول ۽ افتخار رسول گهمن تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گهمن ڀائرن کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪيو، عمران خان چيو ته پاڪستان کي ڪرپشن، ظلم کان بچائڻ لاءِ پنجاب جي عوام کي اٿڻو پوندو، هن چيو ته پنجاب تبديلي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، پنجاب جو عوام آئين، رياست تي حملو ناڪام ڪرڻ تي تحسين جو مستحق آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *