سليڪٽڊ جا آواز جلسا روڪڻ سان بند نه ٿيندا، جج صاحب کي ڌر نه بڻجڻ گهرجي: ترجمان ن ليگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سليڪٽڊ جا آواز جلسا روڪڻ سان بند نه ٿيندا. هڪ بيان ۾ مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب جلسي جي اجازت تنهن ڪري نه ٿو ڏئي جو کيس نواز شريف جي نعرن جي گونج مان ڊڄ ٿئي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملا ڪندڙ هڪ جلسي جي اجازت نه ڏئي رهيا آهن، عمران خان ملڪ کي 120 ڏينهن بند ڪيا، کيس مريم نواز جي هڪ جلسي مان خوف ڇو آهي؟  سندس چوڻ هو ته عمران خان مريم نواز جو ايترو خوف جو جلسي واري هنڌ پاڻي ڇڏيو ويو آهي،  عمران خان توهان چيو ته توهان موت به برداشت ڪري سگهو ٿا.  مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جلسي جي اجازت تنهن ڪري نه ٿو ڏئي جو کيس نواز شريف جي نعرن جي گونج مان ڊڄي ٿئي ٿو.  هن چيو ته سليڪٽڊ ۽ عليما باجي چور جا آواز جلسا روڪڻ سان بند نه ٿيندا، عمران خان صاحب جلسو ٿيندو انشاءَ الله هي نواز شريف جا شير آهن، عمران خان صاحب ٽي وي هلائي رکجان ۽ شينهن جو سمنڊ ڏسجان. مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز منڊي بهاوالدين ۾ هر صورت ۾ جلسو ڪندي. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته فيصلي وانگر جج جي پريس رليز به دٻاءَ جو نتيجو آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جج صاحب کي ڌر نه بڻجڻ گهرجي ڇو ته هو پاڻ وڊيو ۾ ملوث آهي. هن چيو ته جج صاحب مظلوم آهي،  بار بار دٻاءُ وجهي هن کان اهي شيون ڪرايون ويون. سندس چوڻ هو ته  نواز شريف جي ماڻهن جج صاحب کي رشوت جي آڇ ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته ٽرائل ۾ ڇو نه ٻڌايو ويو.  مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز چئي ڇڏيو آهي ته وڊيو جهڙي فورم تي کڻي وڃڻي آهي ڀلي کنئي وڃي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *