وفاق هن سال به اين ايف سي جي مد ۾ 105 ارب رپيا گهٽ ڏناۡ: مراد علي شاهه

سکر (اين اين آءِ) سنڌ جيو ڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۽ ان ۾ ڏيکاريل ويڊيو ٽپس عدالتي معاملو آهي جنهن تي مان نه ڳالهائيندس پر ڇو ته عدليه جو معاملو آهي ته عدليه ان جي مڪمل جاچ ڪندي ۽ ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان معاملي تي ڪيترائي سواليه نشان اٿن ٿا ۽ عدليه تي ڪارو ڇٽو نه هجڻ گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر بئراج تي ايريگيشن کاتي پاران ڏني ويندڙ بريفنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو ته پنهنجي جڳهه پر هتي ته پاڻي جي کوٽ آهي ۽ آبادگار سخت پريشان آهن ان لاءِ جيڪو پاڻي موجود آهي ان جي منصفاڻي ورڇ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ وزارتون خالي ٿيڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن مان وڏو وزير آهيان ۽ سموريون وزارتون مون وٽ آهن ۽ منهنجو اهو اختيار آهي ته مان ڪهڙي وزير کي ڪيترا کاتا ڏيان ٿو هڪ، ٻه يا ڏهه ڏيان منهنجو اختيار آهي 18 هين ترميم کانپوءِ اسان 18 وزير لڳائي سگهون ٿا وڏي وزير چيو ته ڄام سيف الله ڌاريجو جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري تقريب ۾ پارٽي نائب صدر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جيڪڏهن گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي اثر انداز ٿيڻو هجي ها ته ڄام سيف الله جو گهر گهوٽڪي ۾ اتي به تقريب  ڪرايون ها پارٽي جو نائب صدر آهيان، وڏو وزير به آهيان پنهنجو ڪم ته بند نه ٿو ڪري سگهان مداخلت ته اها آهي جو اوهان جو وفاقي وزير لاڏاڻو ڪري ويو تڏهن به اوهان وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري رکيو ۽ تعزيت ڪرڻ به ان وقت آيا جڏهن اتي ننڍي چونڊ جو اعلان ڪيو ويو اها آهي مداخلت ان لاءِ اها ڳالهه مان سڀني جي آڏو چٽي ڪري رهيو آهيان هن وفاق پاران سنڌ جون ٽي اسپتالون صوبي کي واپس ڪرڻ جي فيصلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اهي ته پهريان ئي اسان وٽ هيون وفاق وٽ ته انهن اسپتالن کي سنڀالڻ جي دل ئي نه هئي ۽ ان ته بجيٽ ۾ انهن ٽنهي اسپتالن لاءِ هڪ رپيو به نه رکيو هو جڏهن ته اسان انهن اسپتالن لاءِ بجيٽ ۾ ساڍا 16 ارب رپيا رکيا آهن جيتوڻيڪ وفاق هن سال به اسان کي اين ايف سي جي مد ۾   105 ارب رپيا گهٽ ڏنا آهن وفاق ته ان حوالي سان ڪا ئي دليري ئي نه ڏيکاري رڳو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي، سندس چوڻ هو ته ڪمشنر سکر جي بدلي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ناهي ضابطه اخلاق رڳو ضلعن لاءِ هوندو آهي جڏهن ته اسان اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سندس بدلي روڪي ڇڏي آهي سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ 315 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ان حوالي سان وفاق کان به مدد گهري آهي اسان کي هر حال ۾ ٽن مهينن ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي جنهن لاءِ جهازن جي ضرورت آهي اڳ اسان وٽ 16 جهاز هوندا هئا ته اسان ٻاهر وڃي به مدد ڪندا هياسين سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي ڳالهه تي پڪو آهي ڇو ته اسان خيبرپختونخواهه ۾ سندس حمايت ڪئي هئي ۽ هو اسان جي گهوٽڪي ۾ مدد ڪندو اسان کي اميد آهي ته سندس پارٽي به اسان جي مدد ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *