اين رينڊ 60 سال اڳ جيڪو لکيو هو اڄوڪيون حالتون اهڙيون ئي آهن: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پاڪستان جي موجوده صورتحال تي روس ڄائي آمريڪا جي ناليواري مصنف اين رينڊ جو لکيل حوالو ڏيندي چيو ته اين رينڊ 60 سال اڳ جيڪو لکيو اُهو اڄ جي حالتن تي پورو لٿو آهي. وزير اعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اين رينڊ جو لکيل حوالو ڏنو جيڪو هن 60 سال اڳ لکيو هو. عمران خان اين رينڊ جو لکيل ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪا شئي بڻائڻ جي لاءِ انهن ماڻهن کان اجازت وٺڻي پئي جيڪا پاڻ ڪنهن به نه ٺاهيندا هجن، جڏهن پيسا انهن وٽ وڃي رهيا هجن جيڪي چڱائي جي لاءِ نه پر مفادن جي لاءِ ڪم ڪندا هجن، جڏهن قانون به توهان جي خلاف انهن کي تحفظ ڏيندو هجي، جڏهن بدعنواني کي ايوارڊ ۽ ديانتداري ذات جي قرباني هجي. وزير اعظم لکيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي به اهڙي ئي وقت ۾ حڪومت ڀڄ ڊڪ سنڀالڻي پئي. هن وڌيڪ لکيو ته اين رينڊ 60 سال اڳ جيڪو لکيو هو اڄوڪيون حالتون اهڙيون ئي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *