سلو ريٽ اوور تي پاڪستاني ڪپتان مصباح سميت ٽيم تي ڏنڊ

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) انٽرنيسنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سيءَ) بنگلاديش خلاف ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ سلو ريٽ اوور تي پاڪستاني ڪپتان مصباح سميت ٽيم تي ڏنڊ هنيو آهي. بنگلاديش خلاف ميرپور ۾ کيڏيل ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان 328 رنسن سان ڪاميابي ماڻي هئي، پاڪستان بنگلاديش ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽيسٽ سيريز به پنهنجي نالي ڪئي، پر آءِ سي سيءَ سلو ريٽ اوور جي ڏوهه ۾ پاڪستاني ٽيم تي ڏنڊ هنيو آهي. سلو ريٽ اوور جي ڪري ڪپتان مصباح الحق تي ميچ فيءَ جو 40 سيڪڙو جڏهن ته ٻين رانديگرن تي 20 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو. آءِ سي سيءَ جي پڌرائيءَ موجب پاڪستاني ٽيم جو اوور ريٽ مقرر وقت کان ٻه اوور پوئتي رهيو، جنهن کان پوءِ ميچ ريفريءَ جيف ڪرو ڏنڊ هڻڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان سواءِ آءِ سي سيءَ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪري ڪرڻ تي آءِ سي سيءَ پاڪستان جي فاسٽ بالر عمران خان کي به وارننگ ڏني آهي. عمران خان بنگلاديش خلاف ٻين ٽيسٽ جي ٻين اننگ ۾ ديشي اوپنر تميم اقبال کي آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ ساڻس سخت رويو اختيار ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *